پليجو جي شاگرد ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪيمپ تي آمد

پليجو جي شاگرد ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪيمپ تي آمد

حيدرآباد:(ن س) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ميرٽ جي قتل خلاف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس آڏو شاگرد ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪئمپ تي پھچي ساڻن يڪجهتي جو اظھار ڪيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته شاگرد ايندڙ نسلن لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن. لکين ڪروڙين نوجوانن جي ميرٽ جو مسئلو آھي. آئي بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن کي روزگار نٿو ملي. 5 کان 15 وارن نوجوانن کي مايوس ڪيو ويو آھي. پي ايس ٽي، جي ايس ٽي وارا حق کان محروم آھن، جونيئر سائنس ٽيچر، ميوزڪ ٽيچر، پوليس جي ويٽنگ لسٽ وارا نوجوان روزگار کان محروم آھن.اياز لطيف پليجي چيو ته اسان قومي جدوجھد جا وڻ پوکيا آھن. ٻيٽن تي قبضن وقت اسان جدوجھد جي شروعات ڪئي پوء ھزارين ماڻھو رستن تي آيا. ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلي ڪروڙين سنڌين کي اٿاري بيھاريو. محسن نقوي صوبن جي ڳالھ ڪئي ته ان خلاف پھرئين ڏينھن سٽي گيٽ حيدرآباد کان پيادل مارچ ڪري چيوسين ته سنڌ ٽوڙڻ نه ڏينداسين، اڄ سڄي سنڌ رستن تي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته اڳ ۾ ھڪ شخص چيو ته جين زي سنڌ جي اشوز کان لاتعلق آھي. سنڌ جا ماڻھو ٽيوٽر، انسٽا گرام تان گم آھن. اھو شخص ھاڻ چوي ٿو تہ نوجوانن منھنجي ھڪ اردو جملي کي کڻي دنيا لوڏي ڇڏي آھي. سوشل ميڊيا دنيا ۾ باھ ٻاري ڇڏي آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته ھڪ ايس ايس پي ٻڌايو ته آئون ھر امتحان ۾ ميرٽ تي آيو آھيان پر پبلڪ سروس ڪميشن ھر امتحان ۾ فيل ڪيو. پبلڪ سروس ڪميشن بادشاھي ادارو آھي. جن لاءِ مٿان کان حڪم اچن ٿا، انھن کي پاس ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته جن کي ڪم ڪرڻو آھي، قرارداد پاس ڪرڻي آھي. قانونسازي ڪرڻي آھي، اھي به اسان سان گڏ مرسون مرسون جا نعرا ھڻي رھيا آھن. اسين چئون ٿا نوڪريون ڏيو ته چون ٿا جيئي ڀٽو، چئون ٿا ته سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون بند ڪيو ته چون ٿا مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، ھر مسئلي تي شاعري ڪري رھيا آھن. توھان وٽ اختيار آھن، جيئي ڀٽو ۽ مرسون مرسون سان روزگار ۽ اختيار نہ ملندا. توھان سنڌ جي يڪجھتي تي يقين رکو ٿا ته حڪومتي بئنچن تان اٿي وڃو ۽ اپوزيشن بئنچن تي ڇو نٿا وڃي ويھو.اياز لطيف پليجي چيو ته عدليه شاگردن جي احتجاج جو نوٽيس ڇو نٿي وٺي. وفاق ۽ اھل اقتدار کان گذارش آھي ته اسين پرامن آھيون. توھان ٽوڙڻ چاھيو ٿا اسان جوڙڻ چاھيون ٿا. توھان ڪنڊا اڇليو ٿا اسان گل پيش ڪري رھيا آھيون. مھرباني ڪري سنڌ جي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو. سڄي دنيا مان ٽيڪنالاجي کڻي اچو ٿا، دنيا ۾ جمھوريت، آئين، انصاف، انساني حق آھن، اھي ڇو نٿا کڻي اچو. 73 جي آئين ۾ کوٽون آھن، اھي درست ڪيو پر توھان کي سنڌ جو گئس، تيل، ڪوئلو، سمنڊ، درياھ، زمينون گھرجن. ھاڻ توھان سنڌ جي ڳچي وڍڻ چاھيو ٿا، ڪراچي سنڌ جي ڳچي آھي، توھان کي سنڌ جي ڳچي وڍڻ نه ڏينداسين. ڪراچي اسان جو آڪسيجن آھي، ساھ آھي، دل آھي، دماغ آھي، اسين پنھنجي ساھ لاء آخري گھڙي تائين ڄمي مقابلو ڪنداسين.اياز لطيف پليجي چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ ميئرشپ ھئي، وزارتون ھيون، حڪومتون ھيون، سني تحريڪ، ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ ٻين جا ڪارڪن قتل ڪيا. توھان بزدل آھيو. ٿورو ايڪشن ٿو ٿئي ته ٻاھر ڀڄيو وڃو. ٻين جي ھٿان استعمال ٿيڻ بند ڪيو. سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن سميت سنڌ ۾ مستقل رھندڙ ڀائر آھن. ھي جيڪي چند دھشتگرد ھلن پيا، حڪومت انھن کي گرفتار ڪري اندر ڪري. ھي بدنصيب ماڻھو آھن. آئون انھن کي چوان ٿو ته باز اچي وڃو. ھنن جي ڀيٽ ۾ عام اردو ڳالھائيندڙ بھادر ۽ غيرتمند آھن. اسان جا ڀائر آھن ۽ سنڌ جو حصو آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته آئين ۾ ھر ڪنھن کي پنھنجي احتجاج ۽ اظھار جو اختيار آھي. پرامن ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ڏوهه آھي، انھن کي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو