پاڪستان روس سان لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو: اويس لغاري

پاڪستان روس سان لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو: اويس لغاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آهي ته پاڪستان روس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، روس خطي توڙي دنيا ۾ پاڪستان جو اهم ڀائيوار آهي. پاڪستان-روس بين الحڪومتي ڪميشن جي شريڪ چيئرمين اويس لغاري روسي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته روس پاڪستان جي اهم ترين ڀائيوارن مان هڪ آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هر عالمي فورم تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش آهي. اويس لغاري موجب پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ويجها لاڳاپا علائقائي امن ۽ سلامتي سان گڏ معاشي ترقي لاءِ پڻ اهم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو