اسلام آباد (بيورو رپورٽ): شام جي پرڏيهي معاملن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ شهرين واري وزير اسعد حسن الشيباني جو پاڪستان جو سرڪاري دورو مڪمل ٿي ويو، جنهن دوران پاڪستان ۽ شام وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ ۽ ادارتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.پرڏيهي وزارت موجب شامي پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي 19 کان 20 آگسٽ 2026ع تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. شام ۾ نئين حڪومت جي قيام کان پوءِ ڪنهن به شامي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هو. دوري دوران اسحاق ڊار ۽ شامي هم منصب وچ ۾ ٻطرفيون ڳالهيون ۽ تفصيلي مشاورت ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين ادارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي موجوده ادارتي نظام کي جلد فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ شام وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وسيع ڪرڻ ۽ عوام کان عوام تائين رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. شامي پرڏيهي وزير پنهنجي ٻن ڏينهن واري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪئي، جڏهن ته هن وفاقي گهرو وزير ۽ منشيات جي خاتمي واري وزير، واپار واري وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سان پڻ اهم ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي وزارت موجب شامي پرڏيهي وزير جو دورو پاڪستان ۽ شام وچ ۾ دوستي جي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ٻطرفي سهڪار لاءِ نئون فريم ورڪ جوڙڻ طرف اهم اڳڀرائي ثابت ٿيو آهي.










