ڪراچي/لاڙڪاڻو (رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پيٽروليم شين تي ليوي ڀتا ٽيڪس ذريعي عوام کان ڦرلٽ کانپوءِ ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن ۾ فرق ئي ختم ٿي ويو آهي. ظالم ۽ بي حس حڪمرانن پنهنجي عياشين، شاهي خرچن ۽ مفت خوريءَ جي ڪلچر کي ختم ڪرڻ بدران ٽيڪسن جي ڀرمار ڪري معيشت کي تباهه، مهانگائيءَ جو طوفان برپا ۽ عوام جي زندگي جهنم، پيٽرول جي قيمتن ۾ هر روز ڳاٽي ٽوڙ واڌ عوام کي سخت معاشي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڊالر ۽ سون جي قيمتن وانگر اخبارن ۾ روزانو پيٽرول جا اگهه به شايع ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي واڌ به کاڌي پيتي جي شين، ٽرانسپورٽ، بجلي ۽ هر بنيادي ضرورت جي شئي جي قيمت ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿي. پيٽروليم شين تي لاڳو ڪيل ڳري ليوي دراصل عوام جي کيسي تي اضافي بار آهي، جنهن جو فوري طور خاتمو ٿيڻ گهرجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي لاڙڪاڻي پاران بندر روڊ لاڙڪاڻي تي پيٽروليم ليوي ڀتا ٽيڪس خلاف جاري ڌرڻي جي اٺين ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي اڳواڻ قاري ابوزبير جکرو، مقامي امير رميز راجا شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته ظلم ۽ ناانصافي خلاف مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمٰن پاران 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي ڏنل سڏ وقت جي پڪار آهي. ان شاءَ الله سنڌ جي عوام هن تحريڪ ۾ هراول دستي جو ڪردار ادا ڪندو.جماعت اسلامي جي جدوجهد ڪنهن فرد يا جماعت جي ذاتي مفاد لاءِ نه، پر عوام کي مهانگائي، ناجائز ٽيڪسن، ڦرلٽ ۽ حڪمرانن جي عياشين کان نجات ڏيارڻ لاءِ آهي. ڪراچي سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جماعت اسلامي جا ڌرڻا اڄ ڇنڇر ڏينهن 28هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويا آهن، جڏهن ته پيٽروليم شين تي حڪومتي ليوي ڀتا ٽيڪس خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ احتجاجي ڌرڻا جاري آهن.گورنر هائوس ڪراچي جي ڌرڻي سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاهه سميت ٻين شهرن ۾ ڪارڪن ۽ عوام احتجاج ڪري رهي آهي.امير جماعت اسلامي سنڌ چيو ته فارم 47 ذريعي مڙهيل ڊمي حڪمرانن ۽ انهن جي سرپرستن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عوام سان وڏا وڏا معاشي واعدا ۽ دعوائون ڪيون هيون، ايتري قدر جو ڇهن مهينن اندر معيشت کي بهتر ڪرڻ ۽ اٽو سستو ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪپڙا به وڪڻي ڇڏڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون، پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ مهانگائي، قرضن، ٽيڪسن ۽ عوامي مشڪلاتن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي.اڄ عام ماڻهو بجلي، گئس، پيٽرول، اٽي، دال، ڀاڄين ۽ زندگيءَ جي ٻين بنيادي ضرورتن جون قيمتون برداشت ڪرڻ کان لاچار آهي، جڏهن ته حڪمران طبقو عوام جي مسئلن کان لاتعلق نظر اچي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي قرضن جي بار هيٺ دٻائڻ ۽ عوام کي مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙهڻ واري پاليسي وڌيڪ نه هلي سگهندي. حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران نوان ٽيڪس لاڳو ڪري پنهنجي ناڪامين جو بار عوام تي منتقل ڪري رهيا آهن. جماعت اسلامي هن ظلم خلاف پنهنجي پُرامن مزاحمتي جدوجهد جاري رکندي. ڪاشف سعيد شيخ چٽن لفظن ۾ اعلان ڪيو ته پيٽروليم شين تي ليوي ڀتا ٽيڪس جي خاتمي تائين جماعت اسلامي جا ڌرڻا، احتجاج ۽ مارچ جاري رهندا. عوام جي حقن جي حاصلات ۽ ظالماڻي ٽيڪسن جي خاتمي واري هن جدوجهد ۾ سنڌ جي عوام ڪنهن به صورت پوئتي نه رهندي.










