خانپور (ن س) خانپورمهر ڀرسان ڳوٺ سومر موري لڳ لنڊ برادري جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان مبينا هٿياربندن حملو ڪري ڳوٺ جي چڱي مڙس موج علي لنڊ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رشيد احمد لنڊ سخت زخمي ٿي پيو.
وارثن موجب نثار احمد لنڊ چيو ته موج علي لنڊ ۽ رشيد احمد لنڊ هاءِ ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ گهران روانا ٿي رهيا هئا ته رستي ۾ لڪل هٿياربندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ موج علي لنڊ گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته رشيد احمد لنڊ سخت زخمي ٿي پيو. زخمي رشيد احمد لنڊ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
وارثن جو چوڻ آهي ته لنڊ برادري اندر هلندڙ پراڻي تڪرار سبب اڳ به جاني نقصان ٿي چڪو آهي. سندن موجب ٽي سال اڳ ٽن ڄڻن جي قتل واري واقعي کانپوءِ پلاند طور هي واقعيو پيش آيو آهي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي










