سکر (ن س )جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نه تياري آهي ۽ نه ئي موقعو، صوبن بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته خراب معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي حمايت نه ڪئي وئي. اسان 28 هين ترميم ۾ 6 تجويزون شامل ڪيون آهن.










