ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صحت کاتي سنڌ موجب هلندڙ سال صوبي ۾ مليريا جا مجموعي طور 90 هزار 853 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪراچي ۾ 772 ڪيسز مان سڀ کان وڌيڪ ضلع ملير مان 249 ڪيس سامھون آيا. جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن مان 35 هزار 94، لاڙڪاڻي مان 27 هزار 57، شهيد بينظيرآباد مان 10 هزار 200، سکر مان 9 هزار 949 ۽ ميرپورخاص مان 7 هزار 781 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن.










