ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سول اسپتال ڪراچي مان گم ٿيل 8 ورهين جي ٻار فضل الرحمان کي پوليس جديد طريقيڪار ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان بازياب ڪرائي والدين حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس موجب ٻار 8 سيپٽمبر تي پنهنجي والدين سان گڏ علاج لاءِ سول اسپتال آيو هو، جتان هو اوچتو گم ٿي ويو. ٻار جي گم ٿيڻ تي والدين پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس سول اسپتال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان ٻار جي حرڪتن جو پتو لڳائڻ شروع ڪيو. پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج مان معلوم ٿيو ته ٻار سول اسپتال مان گهمندو گهمندو عيدگاهه چوڪ تائين پهچي ويو هو. پوليس جي مطابق، عيدگاهه چوڪ وٽ عزير نالي هڪ شخص کي ٻار مليو، جنهن کيس پاڻ وٽ رکيو. ان دوران ٻار جي ڳولا لاءِ سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمن تي اشتهار پڻ جاري ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته اشتهار ڏسڻ کانپوءِ عزير نالي شخص پوليس سان رابطو ڪيو ۽ ٻار بابت ڄاڻ ڏني. اطلاع ملڻ تي پوليس اتحاد ٽائون، خيبر چوڪ پهچي وئي، جتان 16 سيپٽمبر تي ٻار کي حفاظت سان بازياب ڪرائي والدين حوالي ڪيو ويو. ٻار جي بازيابي تي والدين پاران پوليس جو شڪريو ادا ڪيو ويو، جڏهن ته ٻار جي گهر واپس پهچڻ تي خاندان ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.










