مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم

مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت جي درخواست تي مير رضا علي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عمر سيال کي جوڊيشل ڪميشن جي سربراهي لاءِ نامزد ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار به جسٽس عمر سيال جي ڪميشن جي سربراهه طور مقرري جي تصديق ڪئي آهي.
سنڌ حڪومت جي درخواست تي مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو ويو آهي.
مير رضا قتل ڪيس جي جاچ سنڌ ٽربيونل آف انڪوائري آرڊيننس 1969ع تحت ڪئي ويندي. عدالتي ڪميشن جاچ دوران آئيني ۽ قانوني معاملن جو جائزو وٺندو ۽ تحقيقات جي شفافيت ۽ حقيقتن جو تعين ڪندو.
مير رضا قتل ڪيس ۾ خاندان جي خدشن کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 29 جولاءِ تي گلستان جوهر مان مير رضا علي جو گوليون لڳل لاش مليو هو. مير رضا قتل ڪيس جي جاچ ان کان اڳ پوليس ٽيم ذريعي جاري هئي.
مقتول جي والدين عدالتي ڪميشن کي رد ڪندي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو مطالبو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو