تعليمي بورڊن ۾ فارنسڪ آڊٽ ۽ فائر سيفٽي قدمن جو فيصلو

تعليمي بورڊن ۾ فارنسڪ آڊٽ ۽ فائر سيفٽي قدمن جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ بورڊن جي گڏيل ڪارڪردگي، انتظامي سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن، امتحاني نظام ۽ ٻين اهم معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ يونيورسٽين واري سيڪريٽري ۽ بورڊز محمد عباس بلوچ، تعليمي بورڊن جي چيئرمينن فقير محمد لاکو، مشرف علي، خالد حسين مهر، زاهد علي چنڙ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سالياني امتحانن 2026 جي وقت تي ۽ شفاف منعقد ۽ مقرر ڪيل مدت ۾ نتيجن جي اعلان تي سمورن چيئرمينن کي تحسيني سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي ڪابينه پاران مئي 2026 ۾ منظور ڪيل نوان ريڪروٽمينٽ رولز 2026 سمورن تعليمي بورڊن ۾ لاڳو ڪيا ويندا، جڏهن ته انهن رولز جو باقائدي نوٽيفڪيشن سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪيو ويندو. يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن لاءِ به الڳ ريڪروٽمينٽ رولز کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. اجلاس ۾ بورڊن ۾ اي-مارڪنگ، او ايم آر بيسڊ امتحاني نظام ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ آءِ ٽي ماهرن جي فوري ڀرتين جي اصولي منظوري به ڏني وئي. محمد اسماعيل راهو چيو ته سمورن تعليمي بورڊن ۾ ڊائريڪٽر آءِ ٽي سميت ويب سائيٽ ڊولپر، سينيئر ڊولپر، سسٽم ۽ نيٽ ورڪ سيڪيوئرٽي ايڊمنسٽريٽرز ۽ ٻيا ٽيڪنيڪي ماهر ڀرتي ڪيا ويندا، ته جيئن بورڊن جي ڊجيٽل ۽ امتحاني نظام کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري وزير سمورن چيئرمينن کي ھدايت ڪئي ته بورڊن جي ملازمن جي سينيارٽي لسٽون فوري طور تي تيار ڪري حتمي منظوري لاءِ کاتي يونيورسٽين ۽ بورڊز ڏانهن موڪليون وڃن. اجلاس ۾ سمورن تعليمي بورڊن جي فارنسڪ آڊٽ جي معاملي تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ قانوني توڙي ضابطي جي طريقيڪار موجب ان عمل کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. محمد اسماعيل راهو سمورن چيئرمينن کي ھدايت ڪئي ته تعليمي بورڊن ۾ فائر سيفٽي جي اثرائتن قدمن کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته بورڊن جي عمارتن ۾ فائر سيفٽي سامان جي دستيابي، انهن جي فعال هجڻ ۽ ايمرجنسي ايگزٽس جو به باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال سان اثرائتي انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. جامعات ۽ تعليمي بورڊز واري وزير ھدايت ڪئي ته اجلاس ۾ ڪيل سمورن فيصلن تي مقرر مدت اندر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ سڀ تعليمي بورڊ يونيورسٽين ۽ بورڊز کاتي سان مڪمل هم آهنگي برقرار رکندي سڌارڪ قدمن کي اڳتي وڌائن. هن چيو ته تعليمي بورڊن ۾ انتظامي شفافيت، جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ، امتحاني نظام ۾ بهتري ۽ شاگردن کي وقت تي نتيجا فراهم ڪرڻ حڪومت سنڌ جي ترجيحات ۾ شامل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو