پمز واقعو، ڪمال  ۽ اسپتان سربراهه کان استعيفيٰ جو مطالبو

پمز واقعو، ڪمال ۽ اسپتان سربراهه کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي هيلٿ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن پمز اسپتال ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ اسان گذريل ڏينهن جي واقعي جي حوالي سان پمز اسپتال آيا آهيون. چيئرمين ڪميٽي مهيش ڪمار چيو ته ڪالهه جيڪو واقعو ٿيو، انهي کان وڌيڪ خوفناڪ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو. اڄ اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي جو به سڏ ڏينداسين.مهيش ڪمار چيو ته اهو چيو ويو ته اي سي مان باهه لڳي، اسان پاڻ وڃي انهي جڳهه جو جائزو ورتو آهي، سورس آف فائر جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. نرسز جو چوڻ آهي ته اهي ڪم ۾ مصروف هيون. سي سي ٽي وي جي باري ۾ پڇيو ته اي ڊي صاحب طرفان ٻڌايو ويو ته سي سي ٽي وي ۾ چٽو ناهي. اسان جي خيال ۾ نرسري هتي هجڻ گهرجي ها، اسان ڏسنداسين ته ڪميٽي ميرٽ تي ڪم ڪري ٿي يا نه؟ڪميٽي جي ميمبر گل اصغر چيو ته اسان پڇو ته فائر سيفٽي ڊرل ڪڏهن ڪرائي وئي، 30 سالن ۾ اليڪٽريسٽي جي حوالي سان ڪيتريون آڊٽ ڪرايون ويون ۽ فائر الارم جي حوالي سان به سوال ڪيو ويو آهي.ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر شازيه صوبيه صحت واري وزير ۽ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پمز کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مهيش ڪمار چيو ته اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته ٽيڪنيڪل فالٽ آهي يا نااهلي هئي، اسان فيڪٽ ڪميٽي جي رپورٽ جو به جائزو وٺنداسين. تازن ڄاول ٻارن جي نرسري ۾ ڪهڙا سيفٽي قدم کنيا ويا هئا، اهو ڏسڻ ضروري آهي.ڪميٽي جي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عاليه ڪامران به صحت واري وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. عاليه ڪامران چيو ته صحت واري سيڪريٽري کي گهر اماڻيو ويو، رنگ روڊ جيان ٻيهر بهتر جڳهه تي لڳايو ويندو.پريس ڪانفرنس جي دوران داخل مريضن جا وارث به پنهنجن جذبات تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا، وارثن جو چوڻ هو ته فوت ٿي ويل ته الله کي پيارا ٿي ويا. جيڪي زنده آهن انهن جي لاءِ به ڪجهه ڪريو، هڪ وارث طرفان چيو ويو ته سڀاڻي منهنجي گهر واري جو آپريشن آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي وارث چيو ته مون کي بينظير ڀٽو اسپتال راولپنڊي منتقل ڪري رهيا آهن. وارثن مطالبو ڪيو ته ڪجهه اهڙو ڪريو جو جيڪي ٻار بچي ويا آهن انهن کي بچائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو