راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي افغانستان جنگ ڪميشن جي گڏيل چيئرپرسنز شميلا اين چوڌري ۽ ڊاڪٽر ڪولن ايف جيڪسن جي اڳواڻيءَ ۾ وفد جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊيءَ ۾ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي افغانستان جنگ ڪميشن جو وفد افغانستان ۾ آمريڪا جي 20 سالن واري فوجي شموليت جو جائزو وٺي رهيو آهي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، پاڪستان جي سهڪار، خطي جي سلامتيءَ واري صورتحال ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڳالهين ۾ ڪميشن جي ڪم سان لاڳاپيل مختلف پهلوئن ۽ نقطه نظر تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير تڪرار دوران سلامتيءَ جي صورتحال تي اثرانداز ٿيندڙ عنصرن بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو ۽ افغانستان ۾ ڊگهي جنگ دوران پاڪستان کي پيش آيل چئلينجن کي اجاگر ڪيو. هن زور ڏنو ته تڪرار جي اسٽريٽجڪ، سفارتي ۽ آپريشنل پهلوئن جو جائزو وٺندي علائقائي نقطه نظر ۽ پاڪستان جي تجربن کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. ٻئي طرف آمريڪي وفد افغانستان ۾ تڪرار دوران پاڪستان جي ڊگهي ڪردار ۽ ڏنل قربانين جو اعتراف ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.










