ڪراچي (رپورٽر)ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب رات جو دير سان شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو.ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪاٺياواڙ، ميمڻ مسجد، ۽ اولڊ سٽي ايريا جي مختلف هنڌن جو دورو ڪيو ۽ خوبصورتيءَ واريون رٿائون ۽ ٻين هلندڙ ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان بيلفنگ ورتي.ان موقعي تي ميئر ڪراچيءَ چيو ته رات جو دورو ڪرڻ جو مقصد شهر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ شهرين جون شڪايتون سڌو سنئون ٻڌڻ هو. هن چيو ته شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ جيسين شهرين جا مسئلا حل نٿا ٿين، تيسين اسين آرام سان نه ويهنداسين.










