مستونگ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي ڪُهڊڪوچا ۾ واقع هڪ باغ ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي مستونگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي جو آواز ڏورانهن علائقن تائين ٻڌو ويو.واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهليڪارن علائقي کي گھيري ۾ وٺي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو تعين ڪيو پيو وڃي.










