ميجر جنرل فيصل نصير ٽن سالن لاءِ نيڪٽا ۾ مقرر

ميجر جنرل فيصل نصير ٽن سالن لاءِ نيڪٽا ۾ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميجر جنرل فيصل نصير کي جمعي ڏينهن نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (NACTA) جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي. سندس مقرري ٽن سالن جي عرصي لاءِ ”ڊيپيوٽيشن (Secondment) جي بنياد تي“ ڪئي وئي آهي.اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، انٽر سروسز انٽيليجنس (ISI) جي ڪائونٽر انٽيليجنس ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل فيصل نصير جي مقرري وفاقي حڪومت جي منظوري سان ڪئي وئي آهي، جيڪا فوري طور لاڳو ٿيندي ۽ ايندڙ حڪمن تائين برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي: ”وفاقي حڪومت جي منظوري سان ميجر جنرل فيصل نصير، HI(M)، T. Bt & Bar کي NACTA ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 9(1) تحت ٽن سالن جي عرصي لاءِ ڊيپيوٽيشن جي بنياد تي نيشنل ڪوآرڊينيٽر، NACTA مقرر ڪيو وڃي ٿو. مقرري JSI-4/85 ۾ ڏنل معياري شرطن ۽ ضابطن تحت، فوري اثر سان ۽ ايندڙ حڪمن تائين هوندي.“ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (NACTA) 2008ع ۾ گهرو وزارت جي ماتحت قائم ڪئي وئي هئي. هي ادارو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف ڪارروائين لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪري ٿو، انهن منصوبن تي عملدرآمد بابت وفاقي حڪومت کي رپورٽ ڪري ٿو، ۽ ملڪ لاءِ جامع قومي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف حڪمت عمليون تيار ڪرڻ ۽ انهن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. NACTA کي ان کان اڳ 20 نقاطي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي ذميواري پڻ ڏني وئي هئي. فيصل نصير 1992ع ۾ پاڪستان آرمي ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. جولاءِ 2022ع ۾ کيس ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. هو هن وقت آءِ ايس آءِ ۾ ڊي جي ڪائونٽر انٽيليجنس هو ۽ رٽائرمينٽ جي ويجهو هو. سندس نالو ان وقت مشهور ٿيو جڏهن تحريڪ انصاف جي قيد اڳواڻ عمران خان ڪارڪنن تي تشدد جا الزام هڻندي جلسن ۾ کيس مخاطب ڪندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو