مديجي،ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو فوت

مديجي،ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو فوت

مديجي (رپورٽر): مديجي ويجهو جمالي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس موجب واقعي جي تفتيش ڪئي پئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو