هٿيارن ۽ گولين جو تجزيو ڪندڙ مشين 3 سالن کان بند

هٿيارن ۽ گولين جو تجزيو ڪندڙ مشين 3 سالن کان بند

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس جي فارنزڪ يونٽ ۾ هٿيارن ۽ گولين جي خولن جو جديد سائنسي طريقي سان تجزيو ڪندڙ مشين ”آئي بي آئي ايس“ (IBIS) پويان 3 سالن کان بند پيل آهي. مير رضا قتل سميت سوين ڪيسن ۾ هٿيارن ۽ گولين جي خولن جو سائنسي بنيادن تي تجزيو ناهي ٿي سگهيو. مير رضا ڪيس ۾ رڳو مينوئل طريقي سان رپورٽ جوڙي وئي ته ملندڙ خول 30 بور پستول جي گوليءَ جو آهي. انٽيگريٽيڊ بيليستڪ آئيڊينٽيفڪيشن سسٽم (آئي بي آئي ايس) مشين ڪنهن به هٿيار مان فائر ٿيل گولين ۽ خولن تي موجود خوردبيني نشانن جون تصويرون محفوظ ڪندي آهي ۽ الئڪٽرانڪ سگنيچر جوڙيندي آهي، جنهن ذريعي مجرمن جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي. هي سسٽم غير ملڪي ڪمپنيءَ جو آهي ۽ سنڌ پوليس پاران سالياني فيس نه بھرڻ سبب گذريل 3 سالن کان بند آهي. فارن ڪرنسي اڪائونٽ نه هجڻ ۽ مينوئل پئسا ڏيڻ واري ڏکئي عمل سبب ادافيون ناهن ٿي سگهيون.ان حوالي سان آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڊهو جو چوڻ آهي ته سالياني فيس تمام وڌيڪ هجڻ سبب مشين بند آهي، پر هاڻ سنڌ پوليس جا آءِ ٽي ماهر ان جي متبادل اهڙو سافٽ ويئر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جو ان کان به بهتر نتيجا ڏئي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو