ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ جهڙالو موسم هجڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ موسم وچولو ۽ جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن جي دوران هلڪي برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.شهر ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن وڌ کان وڌ گرمي پد 30.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو. اڄ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 26.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن جي دوران 20 کان 45 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سامونڊي هوائون لڳڻ جو امڪان آهي. اڄ صبح هوا ۾ نمي جو تناسب 77 سيڪڙو رڪارڊ ٿيو جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن جي دوران نمي جو تناسب 60 کان 80 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.










