ليڊز ٽيسٽ: بال کي وچ مان ڪٽي ٻن حصن ۾ تقسيم

ليڊز ٽيسٽ: بال کي وچ مان ڪٽي ٻن حصن ۾ تقسيم

ليڊز (اسپورٽس ڊيسڪ) ليڊز ٽيسٽ دوران هڪ انوکو واقعو سامهون آيو، جتي ميچ جي بال کي وچ مان ڪاٽي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ويو.پهرين اننگز ۾ پاڪستان کي 171 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ انگلينڊ ٽيم جي رانديگرن بال جا ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيا. پهرين اننگز ۾ اولي رابنسن ۽ جوش ٽنگ 5-5 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.عام طور تي 5 وڪيٽون وٺندڙ بالر يادگار طور بال پنهنجي وٽ رکندو آهي، پر جوش ٽنگ اننگز کانپوءِ اولي رابنسن کي بال اڌو اڌ ڪرڻ جو انوکو مشورو ڏنو.ڊريسنگ روم ۾ گراؤنڊ اسٽاف بال کي وچ مان ڪاٽي ٻن ٽڪرن ۾ تبديل ڪري کين ڏئي ڇڏيو. اولي رابنسن چيو ته اڌ بال جهڙي شيءِ روز روز ناهي ملندي، ان ڪري هي اهڙي يادگار آهي جنهن کي اسين ڪڏهن به نه وسارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو