لاڙڪاڻو، 93 خطرناڪ اسڪول مسجدن ۽ اوطاقن ۾ منتقل

لاڙڪاڻو، 93 خطرناڪ اسڪول مسجدن ۽ اوطاقن ۾ منتقل

لاڙڪاڻو(رپورٽ ايم بي ڪلهوڙو) ضلعي تعليم آفيسر-پرائمري (ڊي اي او-پرائمري) طرفان 93 زبون حال ۽ ”خطرناڪ“ قرار ڏنل اسڪولن کي فوري طور انهن جي حدن اندر موجود محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
ڊي اي او آفيس جي ذريعن موجب، انهن اسڪولن ۾ مجموعي طور 5,230 شاگرد داخل آهن، جڏهن ته تدريسي ۽ غير تدريسي عملو پڻ موجود آهي. انهن سڀني کي عارضي طور ويجهن محفوظ اسڪولن جي عمارتن، مسجدن، خانگي مهمان خانن اوطاقن يا ٽينٽ اسڪولن ۾ منتقل ڪيو ويندو.
ڇنڇر ڏينهن ڊان سان ڳالهائيندي ڊي اي او انيس الرحمان جلباڻي چيو ته تعليم کاتي جي مانيٽرنگ اينڊ ايويلويشن سيڪشن ۽ لاڳاپيل اسڪولن جي سربراهن پاران گڏيل طور ڪرايل تفصيلي سروي کان پوءِ انهن 93 اسڪولن جي عمارتن کي ”خطرناڪ“ قرار ڏنو ويو.
سامهون آيو آهي ته اهي پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي شهر، ڏوڪري، باڪراڻي ۽ رتوديرو ۾ واقع آهن.
93 اسڪولن جا 5,200 کان وڌيڪ شاگرد ۽ عملو عارضي طور ويجهن محفوظ اسڪولن، مسجدن يا خانگي مهمان خانن ۾ رهندا، آفيسر جو چوڻ آهي.
مسٽر جلباڻي تعليم کاتي جي مانيٽرنگ اينڊ ايويلويشن سيڪشن جي چيف مانيٽرنگ آفيسر طرفان 30 جولاءِ 2026ع تي لکيل خط جو حوالو ڏيندي چيو ته شاگردن ۽ استادن جون زندگيون محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن کي منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
هن 7 آگسٽ 2026ع تي جاري ڪيل خط ذريعي تعلقا تعليمي آفيسرن (مرد ۽ عورت) ۽ لاڳاپيل اسڪولن جي سربراهن کي هدايت ڪئي هئي ته سندس آفيس کي اطلاع ڏيندي فوري طور اسڪولن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسڪولن جي منتقلي دوران کاتو زميني صورتحال جو موقعي تي سروي پڻ ڪندو.
هن ٻڌايو ته ان کان اڳ لڳ ڀڳ 250 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ حالت ۾ مليون هيون، پر وقت گذرڻ سان انهن مان يا ته مرمت ڪئي وئي يا وري نئين سر تعمير ڪري شاگردن لاءِ استعمال لائق بڻايو ويو.
93 اسڪولن جي فهرست جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيو ته انهن مان اڪثر اسڪول ڇوڪرن لاءِ آهن.
چيف مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر احمد شاهه طرفان 30 آگسٽ 2026ع تي لاڙڪاڻي جي ڊي اي او-پرائمري کي لکيل خط ۾ انتهائي خطرناڪ اسڪولن کي فوري طور منتقل يا ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.
هن معاملي ۾ اهم سوال اهو آهي ته ڇا مسجدن، اوطاقن يا ٻين عارضي هنڌن تي پاڻي ۽ بجلي جهڙيون بنيادي سهولتون موجود هونديون؟ ان سان گڏ انهن عارضي هنڌن ۽ شاگردن توڙي عملي جي گهرن وچ ۾ فاصلي جو مسئلو پڻ اهم هوندو.
جڏهن پڇيو ويو ته تعليم کاتي جي ورڪس اينڊ ريسرچ سيڪشن کي سروي لاءِ ڇو شامل نه ڪيو ويو، ته مسٽر جلباڻي چيو ته هن ڀيري کاتي اهو ڪم مانيٽرنگ اينڊ ايويلويشن سيڪشن حوالي ڪيو آهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ته سروي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڇو شامل ڪيو ويو، آفيسر ڪو به تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.(هي رپورٽ ڊان اخبار ۾ شايع ٿي، جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو