ڪراچي: دڪان ۾ ڦر، چور ڪپڙا چوري ڪري فرار

ڪراچي: دڪان ۾ ڦر، چور ڪپڙا چوري ڪري فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ ڪپڙي جي دڪان ۾ ڦر جي واردات ٿي.تفصيل موجب، 3 ڌاڙيل دڪان ۾ داخل ٿيا ۽ پئسا ڳولي رهيا هئا. جڏهن پئسا نه مليا ته جوابدار لکين رپين جا ڪپڙا چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڌاڙيلن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ هيلمٽ، ٽوپيون ۽ ماسڪ پائي رکيا هئا.پوليس موجب، ڌاڙيلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، شاهه لطيف ٽائون ۾ موبائل فون کسڻ لاءِ ايندڙ ڌاڙيلن کان بچي ويل 16 سالن جو ڇوڪرو فائرنگ ۾ مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو