ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس علائقي ۾ ٻن خاندانن جي وچ ۾ جهيڙي جو ڪيس، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ترجمان موجب، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊي آءِ جي سائوٿ کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته وائرل ڪلپ ۾ نظر ايندڙ پوليس اهلڪارن جي مبينا بدانتظامي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.ايڊيشنل آءِ جي هدايت ڪئي آهي ته معاملي ۾ داخل ٿيل ڪيسن جي ميرٽ تي جاچ ڪئي وڃي.ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي موجب، سڀني پهلوئن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي.










