ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)راهه ويندڙ عورتن سان نازيبا حرڪتون ڪندڙ جوابدار کي تيموريا ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
جوابدار 24 آگسٽ تي نارٿ ناظم آباد جي عرفات ٽائون ۾ هڪ عورت سان نازيبا حرڪت ڪئي هئي.
ٻئي پاسي، منگهوپير ۾ هڪ ماربل فيڪٽري اندر شهري تي تشدد ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڊفينس جي خيابانِ بخاري ۾ واقع هڪ اپارٽمينٽ ۾ جهيڙي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. جهيڙي جي سي سي ٽي وي وڊيو ۾ هڪ عورت کي ٻي عورت تي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. سندس هٿ ۾ ورزش لاءِ استعمال ٿيندڙ لوهو ڊمبل پڻ نظر اچي رهيو آهي. وڊيو ۾ هڪ پوليس اهلڪار کي متاثر عورت سان گڏ موجود شخص کي ڌڪا ڏيندي پڻ ڏٺو ويو آهي. تشدد جو نشانو بڻيل عورت نورالعين مبينا طور تشدد کان پوءِ تيار ڪيل هڪ وڊيو انٽرنيٽ تي شيئر ڪئي، جيڪا تيزي سان وائرل ٿي وئي. متاثر خاندان واقعي بابت درخشان ٿاڻي ۾ درخواست پڻ جمع ڪرائي آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو آهي ته واقعي جي جاچ ميرٽ تي ڪئي ويندي. هن موجب تشدد جو نشانو بڻجندڙ ٻئي ڀيڻ ۽ ڀاءُ آهن، جيڪي پنهنجي والده سان گڏ ان اپارٽمينٽ ۾ رهندا هئا.










