ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس گذريل هفتي دوران شهر ۾ ڪيل ڪارروائين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ڪراچي پوليس موجب، پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ 25 مقابلا ٿيا، جن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 24 زخمي ڌاڙيلن سميت 35 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل هفتي دوران مختلف ڪارروائين ۾ 776 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 18 ڪلو 555 گرام چرس، 2 ڪلو 675 گرام آئس يا ڪرسٽل ۽ هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي.
ڪارروائين دوران گرفتار شڪي ماڻهن کان مختلف قسمن جا 114 غير قانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.
ڪراچي پوليس موجب، هفتي دوران ڪل 37 موٽرسائيڪلون ۽ 3 وڏيون گاڏيون پڻ هٿ ڪيون ويون.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.










