ڪراچي،مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي،مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات تيز برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي.صدر، آئي آئي چندري ڳڙهه روڊ، برنس روڊ ۽ آس پاس جي علائقن، جن ۾ شاهراهه فيصل، طارق روڊ، بهادر آباد، جمشيد روڊ شامل آهن، تي بونداباندي ٿي.ان کان علاوه صدر، ايئرپورٽ، شاهه فيصل، ملير، لانڍي، ڪورنگي ۾ به برسات جاري رهي.موسميات کاتي موجب، اڄ اسلام آباد، اپر خيبر پختونخوا، پوٺوهار خطو، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ان جي آس پاس جي جبلن وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو