ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعتِ اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم ليوي واري معاملي تي 12 ربيع الاول کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته اسان جي جدوجهد بهترين انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، حڪومت کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اٽي مافيا ۽ کنڊ مافيا جي موجودگيءَ ۾ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، هارين کي سستي ڀاڻ نٿي ملي، جڏهن ته اسان جي پئسن مان سرڪاري ئي آفيسر وڏيون وڏيون گاڏيون هلائن ٿا. حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته 12 ربيع الاول کانپوءِ ملڪگير شٽرڊائون هڙتال ڪنداسين، هاڻي ڳالهيون ائين نه ٿينديون ته توهان چئو ڌرڻو ختم ڪريو ۽ اسان مڃي وٺون، ڌرڻو تڏهن ختم ٿيندو جڏهن حڪومت اسان جا مطالبات عملي طور تي مڃيندي.










