اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تحفظ جي منصوبي لاءِ مدد واري معاهدي تي صحيحون ٿي ويون.اقتصادي معاملن واري وزارت موجب جاپان منصوبي جي لاءِ 2.58 ارب جاپاني يون جي مدد فراهم ڪندو جنهن جي ماليت تقريبن 16.4 ملين آمريڪي ڊالر آهي. منصوبي جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ کان بچاءُ جي بنيادي ڍاچي کي مضبوط بنائڻ آهي. انهي منصوبي سان ٻوڏ جي خطرن هيٺ آبادين کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.منصوبي جي تحت لاڙڪاڻي ۾ سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري تي واقع اولڊ آباد بند کي بهتر ۽ مضبوط بنايو ويندو. اقتصادي معاملن واري وزارت موجب منصوبي سان ٻوڏ کان تحفظ جي بنيادي ڍانچي کي وڌيڪ موثر بنائڻ ۾ مدد ملندي. انهي موقعي تي ايڪسچينج آف نوٽس ۽ رڪارڊ آف ڊسڪشن تي اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ۽ جاپاني سفير اڪاماتسو شونچي صحيحون ڪيون. گرانٽ معاهدي تي ايڊيشنل سيڪريٽري اقتصادي معاملا سبينه قريشي ۽ جائيڪا جو سينئر نمائندو سوگاوارا تاڪايوڪي صحيحون ڪيون.اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو ۽ قدر جوڳو ترقياتي ڀائيوار آهي. جاپان جي مسلسل دوستي ۽ فرخدلانه ترقياتي مدد قدر جوڳي آهي. محمد حمير ڪريم پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاپان جي پائيدار ارادي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته جاپان طرفان مسلسل ترقياتي مدد پاڪستان جي لاءِ قدر جوڳي آهي. جاپاني سفير اڪاماتسو شونچي چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستانه لاڳاپا ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائينداسين.










