ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) فوج جي ميڊيا ونگ چيو آهي ته 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات بلوچستان ۾ ڪسٽمز هائوس تي حملي جي ڪوشش دوران ٿيل هڪ ”منظم حملي“ ۾ ٻن آفيسرن سميت 5 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ ڪسٽمز کاتي جو هڪ سرڪاري آفيسر شهيد ٿي ويا.
اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (ISPR) چيو ته چاغي ضلعي جي نوڪچا ۽ پشين ضلعي جي زيارت ڪراس ۾ پيش آيل ڪيترن ئي واقعن دوران فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ 21 دهشتگردن کي سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي جوابي ڪارروائي دوران ماريو ويو.
رياست پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) لاءِ فتنه الخوارج جي اصطلاح استعمال ڪري ٿي، جڏهن ته بلوچستان ۾ سرگرم گروهن لاءِ فتنه الهندستان جي اصطلاح استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ بدامني ۾ ڀارت جي مبينا ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.
آءِ ايس پي آر چيو: ”31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن ڪسٽمز هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي هڪ منظم حملو ڪيو.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 10 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن کي به سيڪيورٽي فورسز نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا.
بيان ۾ چيو ويو: ”فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڌرتيءَ جا 6 بهادر پٽ، جن ۾ ٻن آفيسرن ۽ ڪسٽمز کاتي جي هڪ سرڪاري آفيسر سميت، فرض جي ادائيگي دوران پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ شهادت ماڻي.“
آءِ ايس پي آر موجب ڪسٽمز هائوس تي حملو ”دهشتگردي ۽ ڏوهاري سرگرمين جي ڳٺجوڙ“ جو واضح مظهر هو، جنهن جو مقصد ڪسٽمز اهلڪارن کي سندن قانوني ذميواريون ادا ڪرڻ کان روڪڻ ۽ علائقي ۾ ڏوهاري سرگرمين جي سلسلي کي جاري رکڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ هو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صفائي واريون ڪارروايون جاري آهن، جن جو مقصد باقي رهيل دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ ۽ مقامي آبادي سان گڏ اهم قومي شاهراهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ آهي.
ڪوئيٽا-تفتان هاءِ وي تي به دهشتگرد مارجي ويا
آءِ ايس پي آر موجب، الڳ واقعي ۾31 آگسٽ تي فتنه الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن N-40 ڪوئيٽا-تفتان هاءِ وي تي مسافرن جي پرامن اچ وڃ ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
دهشتگردن مبينا طور ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ غيرقانوني چيڪ پوسٽ قائم ڪئي هئي.
آءِ ايس پي آر چيو: ”سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي ڪارروائي ڪئي ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 11 دهشتگردن کي موقعي تي ئي ماريو ويو.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان جي آخر ۾ چيو ته قومي ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظوري سان ”عزمِ استحڪام“ جي ويزن تحت جاري دهشتگردي خلاف مسلسل مهم مڪمل عزم سان جاري رهندي.
بيان ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ مدد سان ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.










