ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي ۾ گرمي ۽ حبس جي شدت برقرار آهي، جڏهن ته موسميات کاتي شهرين لاءِ ڪجهه راحت جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته اڄ شام کان سامونڊي هوائون ٻيهر بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ ۾ موجود گهٽ دٻاءَ واري علائقي جي شدت وڌيڪ گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب سامونڊي هوائن جي بحالي لاءِ حالتون سازگار ٿي رهيون آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ باوجود ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ مرطوب رهڻ جو امڪان آهي. شهرين کي گرمي ۽ حبس کان فوري مڪمل ڇوٽڪارو ملڻ جو امڪان ناهي. موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ سياري بابت به اڳڪٿي جاري ڪندي چيو آهي ته اتر ۽ مٿانهين علائقن ۾ هن ڀيري سياري جو موسم ڊگهو ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ سياري دوران ٿيندڙ برساتون به معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب اتر ۽ مٿانهين علائقن ۾ سياري جي موسم جي شدت ۽ مدو معمول کان مختلف ٿي سگهي ٿو.










