سرجاني ٽائون واقعو، زخمي ڇوڪري علاج دوران فوت

سرجاني ٽائون واقعو، زخمي ڇوڪري علاج دوران فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گهر مان انتهائي زخمي حالت ۾ مليل 18 مهينن جي ٻارڙي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي آهي؛ ان کان اڳ گهر مان ئي سندس ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جا لاش ملي چڪا هئا.سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7-ڊي ۾ واقع هڪ گهر مان هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن جا لاش مليا، جڏهن ته هڪ ٻي ٻارڙي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ملي جنهن کي طبي امداد لاءِ اين آءِ سي ايڇ (NICH) اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.پوليس متاثر عورت جي مڙس کي جاچ لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. فوت ٿيلن ۾ 34 سالن جي ماءُ مهوش، 6 سالن جي هيرا ۽ 5 سالن جو حنين شامل آهن؛ جڏهن ته 18 مهينن جي ٻارڙي اشميرا پڻ اين آءِ سي ايڇ اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي.پوليس ٻڌايو ته 34 سالن جي عورت ۽ سندس ٽن ٻارن تي لٺ يا ان جهڙي ڪنهن اوزار سان حملو ڪيو ويو هو.ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي جاچ جو جائزو وٺڻ لاءِ واقعي واري هنڌ پهتو، آفيسرن کان ابتدائي معلومات ۽ ثبوتن بابت آگاهي ورتي ۽ واقعي جي هر پهلوءَ کان جاچ ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ايس ايس پي ويسٽ کان فوري طور تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.هن پوليس کي هدايت ڪئي ته واقعي واري هنڌان ثبوت گڏ ڪيا وڃن، واقعي جي سمورن پهلوئن جي جاچ ڪئي وڃي ۽ حقيقتون جلد سامهون آنديون وڃن.ان دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، ان جو سنجيدگيءَ سان نوٽيس ورتو ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان فوري رپورٽ طلب ڪئي.مراد علي شاهه چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورت جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابلِ برداشت آهي. هن پوليس کي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته متاثر خاندان کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو