اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان هندستان جي پرڏيهي وزارت جي نارووال جي شهر اد سراج ۾ هڪ هندو مندر جي ڊاهڻ جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان چيو ته هندستان جي پرڏيهي وزارت جا مندر بابت دعوائون غلط ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل آهن، هندستان حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي ۽ سستي چالاڪيون اختيار ڪري رهيو آهي.هن چيو ته حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ سان هندستان ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلمن تان ڌيان هٽائي نٿو سگهجي، هندستان جو اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن تي حملن جو تمام خراب رڪارڊ آهي، دنيا هندوتوا نظريي کي اقليتن خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ کان واقف آهي.سجاد حيدر خان چيو ته هندستاني قيادت کي مسلمانن، سکن ۽ عيسائين تي ٿيندڙ ظلمن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي.ترجمان چيو ته اد سراج ۾ هندو مندر جي عمارت 21 جولاءِ تي تيز برساتن کان متاثر ٿي هئي. نارووال ۾ مقامي اختيارين مندر ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصان جو جائزو ورتو ۽ مندر جي عمارت جي بحالي لاءِ قدم کنيا ويا آهن.










