مخالف ڌر کي ٻيهر ڳالهين جي دعوت، بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهيان

مخالف ڌر کي ٻيهر ڳالهين جي دعوت، بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهيان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مخالف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر اسان سان گڏ ويهي ڳالهائي ته جيئن جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ اپوزيشن کي ٻيهر بامقصد ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو. تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، هاڻي اپوزيشن تي دارومدار آهي ته هو ڪڏهن ڳالهين جي ميز تي اچي ٿي.وزيراعظم چيو ته جيڪي به مسئلا آهن، اهي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، حڪومت اپوزيشن سان بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿي. شهباز شريف چيو ته واپاري برادري لاءِ هڪ سٺي اسڪيم آندي وئي آهي، واپارين کي پريشان ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته واپاري برادري کي غيرضروري طور پريشان نه ڪيو وڃي.وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي ریليف ڏيڻ لاءِ 128 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ملڪي معيشت ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. وزيراعظم ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپيا في ليٽر گهٽتائي کي خوش آئند قرار ڏيندي وزارتِ پيٽروليم ۽ سموري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.وزيراعظم چيو ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل جي فراهمي ۾ مسئلا درپيش آهن، جڏهن ته خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ريفائنريون ۽ گئس پلانٽ بند آهن. پاڪستان توانائي درآمد ڪندڙ ملڪ آهي، تنهن ڪري علائقي جي صورتحال ۾ بهتري پاڪستاني معيشت لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي صورتحال جا اثر پاڪستان تي به پون ٿا، پر اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. صوبن به عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو