حيدرآباد (رپورٽر): حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي مهانگائي ۽ پيٽروليم شين تي لاڳو ڪيل ليوي ٽئڪس خلاف جماعت اسلامي جو احتجاجي ڌرڻو نائين ڏينهن به جاري رهيو، جنهن جي آخري ڏينهن واري جلسي جون تمام تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ ماڻهن جي آمد جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي.ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪندي چيو آهي ته مهانگائي ۽ جولمي ليوي ٽئڪس جي خاتمي لاءِ 3 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ پوريو ڦيٿاروڪ هڙتال ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام هاڻي ان ناانصافي واري نظام کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ ۾ پکيڙيو ويندو.










