حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ، انور ولاز جي ڀرسان هڪ دفعو ٻيهر گئس پائيپ لائين ۾ ڌماڪا، باهه جا شعلا نڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ڌماڪن سبب علائقي ۾ خوف حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي، دڪاندار پنهنجون دڪانون ڇڏي خوف وچان ڀڄي ويا.قاسم آباد جي علائقي شيدي ڳوٺ ۾ اڄ هڪ دفعو ٻيهر ڌماڪن کان پوءِ زمين مان باهه نڪرڻ لڳي، جنهن جي ڪري علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪهڙي طرح زمين مان باهه جا شعلا نڪري رهيا آهن. ڌماڪن ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿي سگهيو آهي.ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ به انهي علائقي ۾ اهڙي قسم جو واقعو پيش اچي چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو سڙي زخمي به ٿيا هئا اڄ ٻيهر رهائشي علائقي ۾ اهڙي قسم جو واقعو پيش اچڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.انهي حوالي سان علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته سوئي گيس جي لائنن ۾ مسئلو ٿيڻ سبب اهي ڌماڪا ٿي رهيا آهن جيئن ئي گئس جي لائنن ۾ گيس اچڻ شروع ٿيندي آهي ته زمين مان باهه نڪرڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ڌماڪن جا آواز ايندا آهن. جڏهن ته سوئي گئس وارن جو چوڻ آهي ته سيوريج جي لائنن ۾ گيس ڀرجي وڃڻ سبب اهي ڌماڪا ٿي رهيا آهن. علائقي جي رهواسين ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته انهي مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي. معصوم ٻارن سميت شهرين جون حياتيون خطري ۾ آهن.










