اسلام آباد (بيورو رپورٽ): سرڪاري حج اسڪيم تحت ملڪ مان 88 هزار 700 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي ڇڏي آهي.مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب سرڪاري اسڪيم جي لانگ حج پيڪيج تحت هاڻي صرف 18 هزار 500 سيٽون باقي رهجي ويون آهن. ترجمان موجب پنجاب مان 46 هزار 400، سنڌ مان 23 هزار 500 ۽ خيبر پختونخوا مان 11 هزار 300 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي آهي. ان کان علاوه اسلام آباد مان 3 هزار 933، بلوچستان مان 2 هزار 555، گلگت بلتستان مان 677 ۽ آزاد ڪشمير مان 362 حج پانڌيئڙن پهرين قسط جمع ڪرائي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي حج پورٽل تي آن لائن ادائيگين جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو آهي، جڏهن ته صرف 3 ڏينهن دوران حج واجبات جي پهرين قسط جي مد ۾ 55 ارب رپين کان وڌيڪ وصوليون ٿيون. ترجمان موجب بلوچستان ۾ آن لائن ادائيگي جو تناسب 72 سيڪڙو رهيو. مذهبي معاملن واري وزارت حج 2027ع تي وڃڻ جي خواهشمند ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي ته هو حج پورٽل تي پنهنجا ڪوائف ۽ ادائيگي جو عمل جلد مڪمل ڪن.










