سکر(بيورورپورٽ): وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سکر پاران گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) اسپتال ۾ مبينا طور تجارتي بنيادن تي غيرقانوني انساني عضون جي پيوندڪاري جي الزامن جي جاچ شروع ڪئي آهي.
سنڌيار وٽ موجود جاچ ليٽر موجب ڊائريڪٽر گمس کي لکيل خط ۾ ايف آءِ اي جي ڪرائم اينڊ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل پاران گمبٽ اسپتال ۾ ٿيل جگر جي ٻن پيوندڪاري احمد معاذ ۽ ثمينه خالق ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي پاران ڊونرز ۽ مريضن وچ ۾ حياتياتي رشتي جي تصديق لاءِ جينيٽڪ ٽيسٽ جا رڪارڊ، سڃاڻپ جا دستاويز ۽ پيوندڪاري سان لاڳاپيل قانوني رڪارڊ پڻ طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل رڪارڊ 20 آگسٽ تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف، ايف آءِ اي پاران گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي چئن ڊاڪٽرن کي جاچ آفيسرن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽس جاري ڪيا ويا آهن. نوٽس ذريعي ڊاڪٽرن کان پيوندڪاري جي ڪيسن بابت ضروري معلومات ۽ لاڳاپيل رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.
ايف آءِ اي پاران معاملي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته طلب ڪيل رڪارڊ ۽ دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ وڌيڪ اڳڀرائي جو امڪان آهي.
ياد رهي ته گمبٽ اسپتال سرڪاري آهي ۽ سنڌ حڪومت مفت ۾ عوام کي سهولت فراهم ڪندي آهي.










