ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ۽ وفاقي سول ڳجهي اداري ڪراچي ۾ گڏيل ڪارروائين ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار دهشتگردن ۾ 3 جو تعلق پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي(بي ايل اي) ۽ هڪ جو تعلق سنڌ ريولشنري آرمي(ايس آر اي) سان آهي. جوابدار ڪراچي ۾ ڳجهن هنڌن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بنائڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا.سي ٽي ڊي ڪراچي ۽ وفاقي ڳجهي اداري کي اطلاع ملي هئي ته پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي سان تعلق رکندڙ 3 تربيت يافته دهشتگرد پنهنجي ڪمانڊر جي هدايت تي ڪراچي ۾ موجود آهن جنهن تي گڏيل ٽيم ابوالحسن اصفهاني روڊ بلاڪ 4 جي ڀرسان واقع هڪ پبلڪ پارڪ تي انهي وقت ڪامياب ڇاپه مار ڪارروائي جڏهن دهشتگرد گڏ ٿي ڪارروائي جي لاءِ وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئا.شروعاتي جاچ موجب گرفتار دهشتگرد پنهنجي تنظيمي ڪمانڊر سان مسلسل رابطي ۾ هئا ۽ هينڊ گرنيڊ جي ذريعي شهري جي ڳجهن هنڌن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ آفيسن کي نشانو بنائڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا.دهشتگرد بلوچستان صوبي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، فرنٽيئر ڪور(ايف سي) ۽ ڪسٽمز جي موبائل گاڏين تي حملن ۾ ملوث رهيا آهن. جوابدارن کان 3 دستي بم ۽ هڪ 30 بور پستول ميگزين سميت هٿ آيا، گرفتار دهشتگردن ۾ غلام ياسين ولد رئيس وزير، آفتاب احمد ولد غلام مصطفيٰ، شعيب ولد عبدالحئي شامل آهن.سي ٽي ڊي ڪراچي ۽ وفاقي سول ڳجهي اداري جي گڏيل ٽيم ٻئي ڪارروائي جي دوران ڀارتي پراڪسي پابندي مڙهيل تنظيم سنڌ ريولشنري آرمي(ايس آر اي) سان جڙيل دهشتگرد آصف علي عرف آصف سنڌي ولد عاشق علي چاچڙ کي ڪورنگي ڪازوي ندي جي ڀرسان ڪارروائي جي دوران گرفتار ڪيو جنهن جي قبضي مان هڪ عدد دستي بم هٿ آيو. شروعاتي جاچ ۾ گرفتار دهشتگرد انڪشاف ڪيو ته انهي هڪ پرڏيهي شهري، ڊي ايس پي پوليس ۽ ريلوي ٽريڪ۽ هڪ اهم سياسي شخصيت جي گهر جي ريڪي مڪمل ڪئي هئي، جوابدار پنهنجي تنظيمي ڪمانڊر جي هدايت تي ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيس کي نشانو بنائڻ جي منصوبه بندي به ڪري رهيو هو.










