دفاعي معاهدي جي ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو

دفاعي معاهدي جي ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي گڏيل دفاعي معاهدي ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ استنبول ۾ ٿيندو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سرڪاري دوري تي ترڪي پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، ترڪي ۽ سعودي عرب جا پرڏيهي ۽ دفاع وارا وزير ۽ چيفس آف جنرل اسٽاف پڻ شرڪت ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري گڏيل خوشحالي ۽ سلامتي جي ضمانت آهي، ۽ مڪي معاهدو ٻنهي جي اسٽريٽجڪ برادري جي تصديق ڪري ٿو.هن چيو ته هي معاهدو پاڪستان ۽ ترڪي کي سعودي عرب سان مضبوطي سان ڳنڍي ٿو، اسان جي گڏيل سيڪيورٽي ۽ دفاعي طاقت لاءِ رستو هموار ڪري ٿو.ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته 30 آگسٽ غازي مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي تاريخي فتح جي ياد ڏياريندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو