تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته سومر تي پاڪستان جو سي ڊي ايف تهران جو دورو ڪندو.
ايران جي سرڪاري پريس ٽي وي موجب دوري جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي بابت ڳالهيون ٿينديون.
هن سال فيلڊ مارشل جو هي تيون ڀيرو ايران جو دورو هوندو. اڳ ۾ هو اپريل ۽ بعد ۾ مئي ۾ تهران جو دورو ڪري چڪو آهي.
هي دورو آچر ڏينهن ايران جي پرڏيهي کاتي جي وزير عباس عراقچي جي فيلڊ مارشل سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بعد ٿي رهيو آهي. هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن صدر ٽرمپ ايران تي سخت معاشي پابندين جو اعلان ڪيو آهي.










