اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر ۾ سياسي سرگرميون وڌي ويون آهن. هڪ پاسي جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي سان ملاقات کانپوءِ گڏيل اپوزيشن قائم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن کي ان اعلان بعد ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي. مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ هائوس ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. مولانا فضل الرحمان جي وفد ۾ ڪامران مرتضيٰ ۽ مولانا واسع شامل هئا، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي سان گڏ اخونزاده حسين يوسفزئي ۽ اسد قيصر موجود هئا. ملاقات کان اڳ ميڊيا سان مختصر ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن سندس وس ۾ هجي ها ته هاڻي تائين باني پي ٽي آءِ جو علاج به ٿي چڪو هجي ها. اپوزيشن ليڊر سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي مولانا فضل الرحمان متحـده اپوزيشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اپوزيشن ليڊرن سان مشاورت ٿي آهي ۽ اصولي طور تي ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته اسان کي متحـده اپوزيشن ڏانهن وڌڻ گھرجي، اسين گڏيل پارلياماني ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ملاقاتون ۽ مشاورت جاري رهندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اپوزيشن پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس (APC) لاءِ به ماحول جُڙڻ گهرجي. صحافيءَ جي ان سوال تي ته ڇا پيپلز پارٽيءَ کي به گڏ ملايو ويندو؟ مولانا فضل الرحمان جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل آهي. جيتوڻيڪ حڪومت ماضي ۾ مولانا فضل الرحمان جي ڪشمير جي صورتحال بابت آڇ هجي يا پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي پيشڪش ان کي سنجيده ناهي ورتو. هاڻي جڏهن اپوزيشم متحد ٿي رهي آهي ته حڪومت کي ان جي تپش محسوس ٿي رهي آهي ۽ فوري وزيراعظم جو اعلان سامهون آيو آهي.










