ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه جي علائقي سرياب ڪيچي بيگ، ڪلي الله آباد ۾ هڪ گهر جي اندر موٽر سائيڪل ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.ايس ايڇ او ڪيچي بيگ پوليس مجاهد ملغاني موجب واقعو گذريل ڏينهن ڪيچي بيگ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو. واقعي موجب ڪلي الله آباد جي هڪ گهر ۾ موجود موٽر سائيڪل ۾ اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. اطلاع ملندي ئي پوليس، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا.پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويلن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي شروعاتي رپورٽ ۾ ڌماڪيدار مواد لڳائڻ جي دوران ڌماڪو ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آهي.بم ڊسپوزل ٽيم موجب موٽر سائيڪل ۾ تقريبن هڪ ڪلو گرام وزني ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو هو. واقعي کان پوءِ سي ٽي ڊي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڌماڪي جي سببن سميت ٻين رخن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. سي ٽي ڊي طرفان واقعي بابت وڌيڪ شاهديون به گڏ ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڌماڪي جا سبب ۽ ٻين رخن جي خبر پئجي سگهجي.










