ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نه حياتي محفوظ آهي نه ئي واري مال محفوظ آهي، لياقت آباد 10 نمبر سرياڪٽ ڀرسان واقع ايل پي جي گيس سلنڊر جي دڪان ۾ ڦر جي واردات دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪان جي ملازم کي قتل ڪري ڇڏيو. هٿياربند مقتول ملازم کان موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب هٿياربند جنهن موٽر سائيڪل تي واردات ڪرڻ آيا اها اتي ڇڏي ٻئي مقتول نوجوان جي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿيا. پوليس جوابدارن جي استعمال هيٺ موٽر سائيڪل، 30 بور پستول جو هڪ خول ۽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن دوران مزاحمت تي فوت ٿي ويل شهرين جو انگ 50 ٿي ويو آهي.مارجي ويل نوجوان جي لاش قانوني ڪارروائي جي لاءِ ڇيپا ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪئي وئي، مقتول جي سڃاڻپ 28 ورهين جي شهزاد جي نالي سان ڪئي وئي. مقتول نوجوان جو اباڻو تعلق ڏکڻ پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي. فائرنگ جي واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي طلب ڪري ورتو.موقعي تي موجود ايس ايڇ او لياقت آباد شوڪت اعوان نجي چينل کي ٻڌايو ته مقتول نوجوان شهزاد ايل پي جي دڪان ۾ نوڪري ڪندو هو، مقتول نوجوان شهزاد پنهنجي ساٿي 15 ورهين جي طيب ولد مقبول سان گڏ دڪان ۾ موجود هو ته انهي دوران موٽر سائيڪل تي سوار 2 اڻڄاتل هٿياربند جوابدار دڪان جي اندر آيا.پوليس آفيسر موجب هٿياربند جوابدارن مقتول نوجوان کان موٽر سائيڪل جي چاٻي گهري ته نوجوان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي هٿياربندن مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڇڏي، مقتول نوجوان جي مٿي تي گولي لڳڻ سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. هٿياربندن مقتول جي موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ مقتول جي کيسي ۾ موجود روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.










