اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس آچر ڏينهن ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 24 کان 28 آگسٽ تائين برطانيا جو دورو ڪندو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس چيو ته دوري دوران نائب وزيراعظم ڊار برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ ۽ پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي آفيس (FCDO) ۾ پاڪستان بابت مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي سميت برطانوي حڪومت جي ٻين سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.
پرڏيهي آفيس موجب، ”هو انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل سان به ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ايم ٽي آنر 25 تيل بردار جهاز تي صومالي سامونڊي ڌاڙيلن پاران يرغمال بڻايل پاڪستاني عملي جي ميمبرن جو معاملو بحث هيٺ ايندو.“
ان کان علاوه اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي ايورڪور بوچوي سان پڻ ملاقات ڪندو.
پرڏيهي آفيس وڌيڪ ٻڌايو ته اسحاق ڊار جي برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي نمائندن سان به ملاقاتن جي اميد آهي.
هي دورو ان کانپوءِ ٿي رهيو آهي، جڏهن ٻنهي ملڪن جولاءِ ۾ ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار وچ ۾ سهڪار مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. ٻنهي ڌرين موجوده ٽريڊ ڊائلاگ کي وڌيڪ منظم معاشي ۽ واپاري فريم ورڪ ۾ تبديل ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو هو.
جون ۾ پاڪستان ۽ برطانيا دهشتگردي جي خاتمي، غيرقانوني لڏپلاڻ ۽ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ، ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ پوليس جي تربيت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو هو.
اهو اتفاق ان وقت ٿيو هو، جڏهن گهرو وزير محسن نقوي وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ گڏيل قومن بابت برطانيا جي مملڪتي وزير هيمش فالڪنر سان ملاقات ڪئي هئي.










