سنڌ ورهائڻ خلاف انتظاميا احتجاج کان روڪي ڇڏيو

سنڌ ورهائڻ خلاف انتظاميا احتجاج کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ورهائڻ خلاف اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين کي نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج کان انتظاميا روڪي ڇڏيو.
آچر ڏينهن گلشن لغاري ۽ هديٰ ڀرھڙي جي اڳواڻي ۾ مظاهري لاءِ جڏهن ڪجهه ماڻهو پهتا ته اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس جا لٺ بردار اهلڪار موجود هئا.
انتظاميا مظاهرين کي چيو ته قلم 144 لاڳو آهي ۽ اوهان بنا اڳواٽ اجازت جي احتجاج نٿا ڪري سگهو. ڪجهه دير مظاهرين ۽ انتطاميا ۾ ڳالهين بعد احتجاج لاءِ آيل ماڻهو پرامن طور منتشر ٿي ويا.
ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي جو پوليس ۽ انتظاميا اسانکي پرامن احتجاج به ڪرڻ نٿي ڏي. هنن چيو ته اسين پنهنجي وطن جي ورهاست خلاف احتجاج ڪرڻ چاهيون ٿا.
هنن چيو ته اسين سنڌ ورهائڻ وارن کي واضح پيغام ٿا ڏيون ته سنڌ ورهائڻ، ملڪ ورهائڻ برابر هوندو ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به قيمت تي اهو ٿيڻ نه ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو