اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته برساتن دوران رابطا روڊن ۽ پلن تي ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻايو وڃي.وزيراعظم سان اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظامن بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام کي وڌ کان وڌ مدد ۽ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي ۽ رليف جو سامان پهچائڻ ۾ شامل ادارن سان رابطي ۽ هم آهنگي کي وڌائڻ تي زور ڏنو.وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي صوبائي ادارن ۽ پي ڊي ايم اي سان موثر طريقي سان رابطو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته لاڳاپيل ادارا مون سون جي موسم جي مؤثر نموني نگراني ڪري رهيا آهن ۽ مناسب قدم کڻي رهيا آهن؛ موسمياتي ايمرجنسي جي ممڪنه صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورا لاڳاپيل ادارا بچاءُ ۽ امدادي ڪارروائين لاءِ تيار آهن.










