جمهوريت، مسئلن جي حل ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهي

جمهوريت، مسئلن جي حل ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي (15 سيپٽمبر) تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته جمهوريت عوامي مسئلن جي حل ۽ لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهي. مضبوط جمهوري ادارا پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد آهن. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي حقيقي طاقت عوام جي اعتماد، شموليت ۽ فعال ڪردار ۾ آهي، جڏهن ته آئين، جمهوري قدرن ۽ پارلياماني ادارن جو استحڪام اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. اويس قادر شاهه عزم ظاهر ڪيو ته جمهوريت اختيارن جي استعمال ڪندڙن کي عوام آڏو جوابده بڻائڻ جو بهترين نظام آهي.اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ موجب جمهوري نظام ۾ اڪثريت سان گڏ اقليتن جي حقن ۽ آواز جو احترام پڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته عوام جي راءِ، شموليت ۽ نمائندگي جمهوريت جا بنيادي ٿنڀ آهن. پاڪستان جي مضبوطي ۽ ترقيءَ لاءِ جمهوري ادارن جو مؤثر ۽ مستحڪم هجڻ بيحد لازمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو