ڪراچي (اسٽاف رپروٽر) سنڌ حڪومت ايندڙ مرحلي ۾ ميرپورخاص ۾ پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز تقسيم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽي ۽ تربيتي پروگرام جي لاءِ ھن وقت تائين 50 ھزار کان وڌيڪ عورتون درخواستون ڏئي چُڪيون آھن، جيڪا ڳالھھ ثبوت آھي تھ عورتون سنڌ حڪومت جي ھن پروگرام ۾ ڀرپور دلچسپي رکن ٿيون.ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ سنڌ حۡومت پاران ھن وقت تائين 2 ھزار کان وڌيڪ عورتن کي ڊرائيونگ ۽ ٻي لاڳاپيل تربيت فراھم ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ تربيتي عمل ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد سميت سنڌي جي مختلف شھرن ۾ جاري آھي. حڪوم جو مقصد وڌ کان وڌ عورتن کي محفوظ طريقي سان اسڪوٽي جلائڻ جي قابل بڻائڻ آھي تھ جيئن اُھي پنھنجي نقل و حرڪت کي سڻائو بڻائين ۽ معاشي ۽ سماجي سرگرمين ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري سگھن. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو تھ پروگرام جي پھرئين مرحلي ۾ 925 جڏھن تھ ٻئي مرحلي ۾ 476 اسڪوٽيز مختص ڪيون ويون آھن، جڏھن تھ ھن وقت ٿائين 810 کان وڌيڪ اسڪوٽيز عورتن ۾ مفت تقسيم ڪيون ويون آھن، جن ۾ ڪراچي ۾ 400، سکر ۾ 200 ۽ حيدرآباد ۾ 200 اسڪوٽيز شامل آھن. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ھن پروگرام کي صوبي جي مختلف علائقن تائين وڌائي رھي آھي ۽ ايندڙ مرحلي دوران ميرپورخاص ۾ پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ورھايون وينديون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽي پروگرام جو بنيادي مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ، کين نقل و حرڪت جي آزادي، خود اعتمادي ۽ معاشي موقعا فراھم ڪرڻ آھي سنڌ حڪومت عورتن کي باعزت ۽ محفوظ سفري سھولتن جي فراھمي سان گڏ کين خودمختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري رکيون ويٺي آھي.










