برينٽ ڪچو تيل 106 ڊالر في بيرل تي اچي ويو

برينٽ ڪچو تيل 106 ڊالر في بيرل تي اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گذريل واپاري سيشن دوران لڳ ڀڳ ٻه ڊالر واڌ کانپوءِ تيل جون قيمتون ٻيهر هيٺ اچي ويون. رپورٽن موجب سعودي عرب ۾ حملن سبب تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ جي خدشن ۽ روسي ڊيزل جي برآمدات ۾ واڌ جي امڪانن سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪايو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 61 سينٽ، يعني 0.57 سيڪڙو گهٽتائيءَ کانپوءِ 106.04 ڊالر في بيرل ٿي وئي. آمريڪي خام تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) جي قيمت ۾ به 47 سينٽ، يعني 0.5 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 93.27 ڊالر في بيرل ٿي وئي.واضح رهي ته سومر ڏينهن برينٽ خام تيل جي قيمت 106.65 ڊالر في بيرل تي بند ٿي هئي، جيڪا 15 سيپٽمبر کانپوءِ بلند ترين سطح هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو