بينظير ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي ڪيسن ۾ به ڪرائيم سين ضايع ڪيا ويا هئا

بينظير ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي ڪيسن ۾ به ڪرائيم سين ضايع ڪيا ويا هئا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نوجوان واپاري مير رضا علي جي ڪيس جي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ جوڙيل جوڊيشل ڪميشن جي ٻڌڻي دوران پوليس ۽ صحت کاتي جي اختيارين کان جاچ جي طريقيڪار، ميڊيڪل بورڊ جي تبديلي، سي سي ٽي وي فوٽيج، ڪرائيم سين مان ثبوتن جي حصول ۽ ٻين معاملن بابت سخت پڇاڻو ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران ڪرائيم سين ڀرسان موجود جھنگ کي باهه ڏيڻ واري معاملي تي جسٽس عمر سيال ۽ ايس ايس پي ايس آءِ يو سميع الله سومرو وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. جسٽس عمر سيال سوال ڪيو ته ڇا ڪرائيم سين کي باهه ڏني وئي هئي، جنهن تي سميع الله سومرو وضاحت ڪئي ته هن هڪ سب انسپيڪٽر کي گولي جو خول ڳولڻ جي ذميواري ڏني هئي، جڏهن ته ٽيم پاران ٻڌايو ويو ته جھنگ وڌيڪ هجڻ سبب ڳولا ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي.سميع الله سومرو موجب پوليس آفيسر غوث ڪرائيم سين ڀرسان موجود جھنگ کي باهه ڏني، جڏهن ته ٻئي ڏينهن اي ايس پي آشر جي سربراهي ۾ ٽيم موڪلي وئي، جنهن کي بعد ۾ گولي جو خول مليو. جسٽس عمر سيال سوال ڪيو ته ڇا ڪرائيم سين ساڙڻ پوليس جو پروٽوڪول آهي، جنهن تي سومرو جواب ڏنو ته ”نه سر“.جسٽس عمر سيال ريمارڪس ڏنا ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڪيسن ۾ پڻ ڪرائيم سين متاثر ٿيا هئا ۽ هاڻي مير رضا جي ڪيس ۾ به ڪرائيم سين کي باهه ڏيڻ جو معاملو سامهون آيو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس عمر سيال سميع الله سومرو کان جاچ بابت سخت سوال ڪيا، جڏهن ته سومرو وضاحت ڪئي ته هن ڪرائيم سين کي باهه ڏيڻ جي هدايت نه ڪئي هئي.
ميڊيڪل بورڊ جي تبديلي تي سوال
ڪميشن صحت واري سيڪريٽري طاهر سانگي کان ڊاڪٽر اسامه شيخ جي حيثيت ۽ ميڊيڪل بورڊ بابت پڇاڻو ڪيو. ڪميشن سوال ڪيو ته ڇا ڊاڪٽر اسامه سندس ماتحت آهي ۽ ڇا سندس بيانن بابت کانئس وضاحت طلب ڪئي وئي هئي.ڪميشن ريمارڪس ڏنا ته ڊاڪٽر اسامه جا قدم ڪميشن سان گڏ صحت کاتي لاءِ پڻ سوال پيدا ڪري رهيا آهن. قبر ڪشائي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي اختيارن بابت پڇاڻو ڪندي ڪميشن سوال ڪيو ته پوليس سرجن کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو اختيار حاصل آهي يا نه.طاهر سانگي ٻڌايو ته کيس ڄاڻ ڏني وئي هئي ته عدالتي حڪم تحت صحت واري سيڪريٽري ۽ پوليس سرجن کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻو هو.ڪميشن 6 آگسٽ تي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ۾ ڪراچي جي ماهرن کي هٽائي حيدرآباد جي ڊاڪٽرن کي شامل ڪرڻ تي پڻ سوال اٿاريا. ڪميشن پڇيو ته پروفيسر نسيم ميمڻ ۽ ٻين ميڊيڪو ليگل آفيسرن کي بورڊ مان ڇو ڪڍيو ويو.طاهر سانگي چيو ته هو بورڊ جي ميمبرن کي ذاتي طور نٿو سڃاڻي ۽ کيس ٻڌايو ويو هو ته نئين بورڊ ۾ وڌيڪ سينيئر ماهرن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي. سندس موجب شفافيت خاطر آزاد ماهرن کي شامل ڪرڻ بهتر سمجهيو ويو.ڪميشن سوال ڪيو ته قانون ۾ ويجهي ميڊيڪل ڪاليج جي ماهرن کي شامل ڪرڻ جو ذڪر آهي ته پوءِ ڪراچي بدران حيدرآباد جي ماهرن کي ڇو چونڊيو ويو؟
شهريار ميمڻ کان پڻ پڇاڻو
ڪميشن اڳوڻي اسپيشل سيڪريٽري ۽ موجوده ڊي جي هيلٿ سروسز شهريار گل ميمڻ جو بيان پڻ رڪارڊ ڪيو. شهريار ميمڻ چيو ته ميڊيڪل بورڊ تبديل ڪرڻ سندس اختيار نه هو، پر هن ڊي جي هيلٿ کي بورڊ جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ چيو هو.ڪميشن سوال ڪيو ته جيڪڏهن بورڊ تبديل ڪرڻ جو اختيار نه هو ته ٻيهر جائزي جي هدايت ڇو ڪئي وئي ۽ اها هدايت ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي وئي؟ شهريار ميمڻ موجب ٻيهر جائزي جي هدايت نيڪ نيتي جي بنياد تي ڪئي وئي هئي.سندس چوڻ هو ته نئين بورڊ جي ميمبرن جا نالا ڊي جي هيلٿ طرفان ڏنا ويا هئا. ڪميشن 6 آگسٽ تي ڊي جي هيلٿ سان رابطي ۽ بورڊ جي تبديلي بابت پڻ سوال ڪيا. شهريار ميمڻ ٻڌايو ته شام 5 کان 7 وڳي وچ ۾ رابطو ٿيو هو.
خاندان جا بيان رڪارڊ نه ٿيڻ تي سوال
ڪميشن ايس ايس پي ايس آءِ يو سميع الله سومرو کان پڇيو ته کيس مير رضا ڪيس جي جاچ ڪڏهن سونپي وئي، جنهن تي هن ٻڌايو ته کيس 2 آگسٽ تي جاچ ڏني وئي هئي.سميع الله سومرو موجب سندس ٽيم ۾ ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير، ايسٽ انويسٽيگيشن آفيسر عثمان سدوزئي، ايس آءِ او ارشد جاويد ۽ جاچ آفيسر شبير لغاري شامل هئا، جڏهن ته 3 آگسٽ تي سي پي ايل سي جو نمائندو پڻ ٽيم جو حصو بڻايو ويو.ڪميشن نشاندهي ڪئي ته ايس ايس پي عثمان سدوزئي پهرين آگسٽ کان 9 آگسٽ تائين آزاد ڪشمير ۾ موجود هئا.ٻڌڻي دوران ڪميشن جو اهم سوال هو ته مقتول جي خاندان جا بيان ڇو رڪارڊ نه ڪيا ويا. سميع الله سومرو ٻڌايو ته 3 آگسٽ تي هن ايس ايس پي زبير نذير کي خاندان سان ملاقات ۽ بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته خاندان ملاقات کان انڪار ڪيو آهي.ان تي مير رضا جي والد مير حسين چيو ته 3 آگسٽ تي کيس ايس ايس پي زبير نذير جي ڪا ڪال نه آئي، جڏهن ته سندس ڌيءَ عليشباهه ٻڌايو ته زبير نذير جي ڪال کيس آئي هئي ۽ ساڳئي ڏينهن شام جو آفيسرن سان خاندان جي ملاقات پڻ ٿي هئي.
سي سي ٽي وي فوٽيج بابت به پڇاڻو
ڪميشن واقعي واري هنڌ جي سي سي ٽي وي فوٽيج محفوظ ڪرڻ بابت پڻ سوال ڪيا. سميع الله سومرو ٻڌايو ته نقشي موجب علائقي ۾ 9 گهٽيون هيون، پر هن صرف هڪ گهٽي جي فوٽيج ڏٺي، جنهن ۾ مير رضا کي ويندي ڏسي سگهجي ٿو.ڪميشن موجب واقعي واري هنڌ جي چوڌاري 52 ڪيمرا موجود هئا، جڏهن ته جبران ناصر ٻڌايو ته علائقي ۾ مجموعي طور 85 ڪيمرا لڳل هئا.سميع الله سومرو چيو ته کيس خبر نه هئي ته ايس ايس پي ايسٽ جي ٽيم سي سي ٽي وي فوٽيج گڏ ڪري رهي هئي. بعد ۾ هن ٻڌايو ته 30 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي فوٽيجز گڏ ڪيون ويون هيون.ڪميشن فوٽيجز سان گڏ انهن بابت تيار ڪيل ميموز پڻ طلب ڪندي سمورو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
هولسٽر ۽ گولي جي خول بابت سوال
ڪميشن سوال ڪيو ته 29 جولاءِ تي لاش مليو ۽ 31 جولاءِ تي هولسٽر هٿ آيو، ته ٻن ڏينهن تائين هولسٽر واقعي واري هنڌ تي موجود ڇو رهيو ۽ اڳ ۾ ڇو نه مليو؟ سميع الله سومرو چيو ته جيڪڏهن ڪرائيم سين کي صحيح نموني چيڪ ڪيو وڃي ها ته هولسٽر لاش ملڻ واري ڏينهن ئي ملي وڃڻ گهرجي ها.گولي جي خول بابت سومرو ٻڌايو ته کيس خول نه ملي رهيو هو، جيڪو 6 آگسٽ تي 40 ڄڻن تي ٻڌل ٻي ٽيم جي سرچ دوران هٿ آيو.
جاچ جي طريقيڪار تي به سوال
ڪميشن سوال ڪيو ته ڇا ڄاڻي واڻي ڪمزور جاچ آفيسر مقرر ڪيا ويا هئا. ڪميشن موجب جاچ آفيسرن جي بيانن مطابق 33 مان 23 بيان ڪنهن ٻئي شخص رڪارڊ ڪيا، جڏهن ته جاچ آفيسر رڳو انهن تي صحيحون ڪيون.سميع الله سومرو چيو ته اهڙو عمل ضابطن جي خلاف آهي ۽ جاچ آفيسر کي بيان پاڻ رڪارڊ ڪرڻ گهرجن.سومرو وڌيڪ ٻڌايو ته سندس 18 سالن جي ڪيريئر دوران اهڙو واقعو اڳ ڪڏهن سامهون نه آيو، جنهن ۾ صرف ڇهن ڏينهن اندر ٻه پوسٽ مارٽم ڪرايا ويا هجن.
جيو فينسنگ ۽ گيسٽ هائوس بابت به پڇاڻو
ڪميشن جيو فينسنگ بابت پڇيو ته 31 جولاءِ تي ان لاءِ لکيو ويو هو، پر رپورٽ ڇو سامهون نه آئي. سميع الله سومرو چيو ته جيو فينسنگ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ سندس سربراهي دوران رپورٽ نه آئي هئي.گيسٽ هائوس بابت ڪميشن سوال ڪيو ته ملازمن، ڊي وي آر ۽ سي سي ٽي وي بابت مڪمل جاچ ڇو نه ڪئي وئي. سومرو ٻڌايو ته گيسٽ هائوس جي 9 ملازمن جا انٽرويو ڪيا ويا، جڏهن ته ڊي وي آر ايس ايڇ او فيروزآباد وٽ موجود هو.جبران ناصر موجب خاندان جي بيان مطابق مير رضا جي تصوير ڏيکارڻ تي گيسٽ هائوس مان ٽي ماڻهو ڀڄي ويا هئا، پر انهن جي سڃاڻپ لاءِ خاندان کي طلب نه ڪيو ويو.
رقم ۽ مبينا مالي دٻاءَ بابت سوال
سميع الله سومرو ٻڌايو ته هن 3 آگسٽ تي صارم جو انٽرويو ڪيو هو، جڏهن ته مير رضا پاران رقم گهرڻ واري اسڪرين شاٽ بابت کيس ڄاڻ هئي، پر صارم جو باقاعده بيان هن رڪارڊ نه ڪيو.ٽن ڪروڙ رپين واري اسڪرين شاٽ جي ميڊيا تائين پهچڻ بابت سومرو ٻڌايو ته اهو اسڪرين شاٽ کيس ايس ايس پي ايسٽ موڪليو هو، جيڪو کيس ايس ايڇ او فيروزآباد کان مليو هو.ڪميشن بليڪ ميلنگ، مالي دٻاءَ ۽ ڪرپٽو ٽريڊنگ بابت پڻ پڇاڻو ڪيو. سومرو چيو ته مير رضا جي دوستن جي بيانن مان معلوم ٿيو هو ته خاندان تقريبن 9 مهينا اڳ مالي دٻاءَ جو شڪار هو، جڏهن ته جاچ دوران بليڪ ميلنگ يا ڀتي خوري جا واضح ثبوت سامهون نه آيا.جبران ناصر ٻڌايو ته صحافين جي تحقيق دوران ڪرپٽو ٽريڊنگ سان لاڳاپيل ٽن اڪائونٽن جي نشاندهي ٿي، جيڪي وڌيڪ جاچ لاءِ اهم ٿي سگهن ٿا.
ڪميشن اڄ جي ڪارروائي مڪمل ڪري ڇڏي
ٻڌڻي دوران مير رضا جي خاندان خلاف مبينا توهين آميز مهم، ڊاڪٽر اسامه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۽ ڪيس بابت بريفنگ سميت ٻين معاملن تي پڻ سوال ڪيا ويا.سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته ڪميشن جي مدي ۾ واڌ بابت درخواست ملي چڪي آهي، جنهن جو جائزو ورتو پيو وڃي. سندس موجب سنڌ حڪومت به چاهي ٿي ته ڪميشن جلد پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري.ڪميشن اميد ظاهر ڪئي ته ڪارروائي سومر تائين مڪمل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ رپورٽ لکڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.ڪميشن اڄ جي ٻڌڻي ۽ ڪارروائي مڪمل ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو