روهڙي تائين ٽريڪ جي تعمير ايندڙ سال شروع ٿيندي: عباسي

روهڙي تائين ٽريڪ جي تعمير ايندڙ سال شروع ٿيندي: عباسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ڪراچي کان روهڙي تائين 480 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جي تعمير ايندڙ سال شروع ٿيندي.پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي گورنر سنڌ نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مملڪتي وزير کهيل داس ڪوهستاني، فهد هارون ۽ ٻين معززين پڻ شرڪت ڪئي.ملاقات ۾ حنيف عباسي چيو ته ريلوي کاتو جلد ئي ايندھن، گاڏين، معدنيات ۽ ايل پي جي جي ترسيل شروع ڪندو.هن چيو ته ٿر کان مين گرڊ تائين روزانو 11,000 ٽن ڪوئلي جي منتقلي ڪئي پئي وڃي.ان موقعي تي گورنر سنڌ نهال هاشمي چيو ته بحران جي باوجود پيٽروليم شين جي بي ترتيب فراهمي کي يقيني بڻائڻ ساراهه جوڳو آهي.هن چيو ته پيٽروليم شين جي فراهمي لاءِ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاران کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن.پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پيٽروليم شين جي فراهمي ۾ اسٽيڪ هولڊرز مڪمل تعاون ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو